پلي سالار

پلي، سالار: سالار پلي ڪلهوڙن جي آخري ۽ ميرن جي اوائلي دؤر جو شاعر هو. هي تعلقي عمرڪوٽ جي سومريجن پلين جي ’الياساڻي‘ نُک مان هو. هي شاعر هئڻ سان گڏ عالم شخص به هو. هن جو پٽ دوسُو ۽ پوٽو ڇُٽو، ڪنهن جهيڙي ۾ مارجي ويا، جنهنڪري سالار پليءَ جو نسل ختم ٿي ويو. سالار پلي بيت جو سٺو شاعر هو. سندس بيتن ۾ عام بيتن کان سواءِ ’ستن راتين جا بيت‘ به ملن ٿا، جيڪي طويل بيتن ۾ شمار ٿين ٿا. هن جي ڪلام ۾ عاجزي، ويچارگي، سوز، هِجر ۽ غم ۽ فراق جون آهون دانهون ملن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو